جوبائيڊن جي اچڻ کان وڌيڪ دهشتگرد ٽرمپ جي وڃڻ جي خوشي آهي: ايراني صدر

تهران: ايران جي صدر حسن روحاني چيو آهي ته مون کي جوبائيڊن جي اچڻ کان وڌيڪ ڊونلڊ ٽرمپ جي وڃڻ جي خوشي آهي.ايران جي ڪابينه کي خطاب ۾ صدر حسن روحاني آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي دهشتگرد قرار ڏيندي چيو ته مون کي خوشي آهي ته هڪ لاقانونيت وارو آمريڪي صدر وڃي رهيو آهي. حسن روحاني جو چوڻ هو ته خوشي آهي ته آمريڪي صدر ٽرمپ اقتدار ڇڏي رهيو آهي.ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جو سڀني کان وڌيڪ لاقانونيت وارو صدر ۽ دهشتگرد هئو. هن جو چوڻ هو ته نئين صدر جوبائيڊن جي اچڻ سان تمام گهڻو خوشي ته ناهي پر ٽرمپ جي وڃڻ جي خوشي ضرور آهي.ياد رهي ته آمريڪي اليڪشن ڪميشن 3 نونبر تي ٿيندڙ صدارتي چونڊن ۾ جوبائيڊن جي سوڀ جو باضابطه اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔