هندن جا مذهبي جذبا مجروح ڪرڻ تي سيف علي تي ڪيس داخل

ممبئي:باليووڊ اسٽار سيف علي خان خلاف هندن جا جذبا مجروح ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب اداڪار سيف علي خان رياست اترپرديش جي شهر جونپور ۾ هندن جا جذبا مجروح ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سيف علي خان هڪ انٽرويو ۾ پنهنجي ايندڙ فلم ”آدي پورش“ جي ڪهاڻي ٻڌائيندي چيو آهي ته ان فلم ۾ ماڻهو راوڻ کي انسان دوست جي طور تي ڏسندا، اداڪار جي اهڙي بيان سان هندن جا مذهبي جذبا مجروح ٿيا آهن.
فلم بابت تڪراري انٽرويو کانپوءِ سيف علي خان کي سوشل ميڊيا تي شديد تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته ڀارتيه جنتا پارٽي جي هڪ اڳواڻ به اعتراض ڪيو آهي، شديد تنقيد کانپوءِ سيف علي خان پنهنجي بيان تي معافي گهرندي چيو آهي ته منهنجي انٽرويو جو مقصد ڪنهن جي دل آزاري ڪرڻ نه هو تنهن ڪري مان دل سان معافي گهران ٿو ۽ بيان واپس ٿو وٺان.
سيف علي خان تي داخل ڪيس ايڊيشنل چيف جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي جنهن تي وڌيڪ ڪارروائي 23 ڊسمبر تي ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔