آمريڪا ۾ ڪورونا ڪيسن جو نئون ريڪارڊ قائم ٿي ويو

واشنگٽن: آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس جي ڦهلاءَ ۾ وڌيڪ تيزي اچي وئي آهي، هڪ ڏينهن جي ڪيسن ۾ نئون ريڪارڊ قائم ٿي ويو.
عالمي خابرو اداري موجب آمريڪا ۾ هڪ ڏينهن دوران ڪورونا وائرس جا نوان 2 لک 48 هزار مريض سامهون آيا آهن، هن وقت تائين روزاني جي بنيادن تي سامهون ايندڙ ڪيسن جو نئون ريڪارڊ آهي، جڏهن ته هڪ ڏينهن دوران ڪورونا سان 2 هزار 706 فوتگيون به ٿيون آهن.
سموري دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري سڀني کان وڌيڪ متاثر ملڪ آمريڪا آهي، جتي ان مهلڪ وائرس ۾ مبتلا ٿيندڙن جو انگ هڪ ڪروڙ 62 لک کان به وڌي ويو آهي، جڏهن ته مرندڙن جو انگ 2 لک 98 هزار آهي، صرف ڏهن ڏينهن ۾ به لک کان وڌيڪ ڪيس سامهون آيا آهن.
آمريڪا جي فوڊ اينڊ ڊرگ ايدمنسٽريشن فائزر ۽ بايوٽيڪ جي گڏيل طور ٺهيل ويڪسين جي سموري ملڪ ۾ هنگامي بنيادن تي استعمال جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔