برگن اسٽاڪ : سوئٽزرلينڊ ۾ ايران آمريڪا ڳالهين کانپوءِ قطر ۽ پاڪستان گڏيل پڌرنامو (اعلاميو) جاري ڪري ڇڏيو آهي.دفتر خارجا موجب، اسلام آباد معاهدي جي ياداشت (ايم او يو) جي فريم ورڪ تحت ڳالهين جو پهريون دور مڪمل ٿي چڪو آهي.پاڪستان ۽ قطري وزارت خارجا پاران جاري ڪيل گڏيل پڌرنامي موجب، ڌرين ڳالهين جي نگراني لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي، ۽ حتمي معاهدي لاءِ 60 ڏينهن جو روڊ مئپ منظور ڪيو ويو آهي. گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تڪنيڪي (ٽيڪنيڪل) ڳالهيون فوري طور تي شروع ٿينديون، جڏهن ته آبنائي هرمز ۾ تجارتي جهازن جي آمد و رفت لاءِ رابطا لائن (هڪ لائن) قائم ڪئي وئي آهي. اعلامي ي موجب، لبناني جنگ بندي تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ هڪ ‘ڊي-ڪنفلڪشن سيل’ قائم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه جوهري (ايٽمي) پروگرام ۽ پابندين بابت ورڪنگ گروپس پڻ جوڙيا ويندا. وزارت خارجا موجب، ڊي-ڪنفلڪشن سيل ۾ لبنان ۽ ثالثي ڪندڙ ملڪ شامل هوندا. ثالثي ڪندڙ ملڪ ڳالهين کي هاڪاري (تعميري) ماحول ۾ اڳتي وڌائڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندا، جڏهن ته تڪنيڪي ڳالهيون هفتي جي باقي ڏينهن ۾ ‘برگن اسٽاڪ ريزورٽ’ ۾ جاري رهنديون.
ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي، روڪيل رقم ملڻ ۽ تيل تي پابندين ۾ رعايت ملي آهي. عراقچي
ايران جي پرڏيهي وزير چيو آهي ته سندس ملڪ جي تيل تي لاڳو پابندين ۾ نرمي ڪئي وئي آهي ۽ منجمد ڪيل ڪجهه اثاثا به آزاد ڪيا ويا آهن. عباس عراقچي اهو پڻ ٻڌايو ته هڪ “بحالي ۽ ترقياتي منصوبو” شروع ڪيو ويو آهي. ثالثي ڪندڙ ملڪن قطر ۽ پاڪستان موجب ثالثي جي نگراني لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي ۽ آبنائي هرمز بابت رابطي جو هڪ خاص چينل پڻ قائم ڪيو پيو وڃي. ان کان اڳ ڳالهيون ان وقت رڪجي ويون هيون جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تهران جي وفد کي ڌمڪيون ڏئي ايران جي اعليٰ مذاڪراتي نمائندي کي ناراض ڪري ڇڏيو هو. ٽرمپ فاڪس نيوز کي ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪو معاهدو نه ٿيو ته آمريڪا ايران تي ٻيهر بمباري شروع ڪري سگهي ٿو ۽ آبنائي هرمز تي “قبضو” به ڪري سگهي ٿو. ثالثن موجب آمريڪا ۽ ايران هڪ “ڊي-ڪنفليڪشن سيل” (تڪرار گهٽائڻ واري گڏيل نظام) قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جنهن کي قطر ۽ پاڪستان سهولت فراهم ڪندا، ته جيئن لبنان ۾ فوجي ڪاررواين جي خاتمي کي يقيني بڻائي سگهجي. اسرائيل ۽ ايران جي حمايت يافته تنظيم حزب الله وچ ۾ جاري ويڙهه ڪنهن به معاهدي جي راهه ۾ اهم رڪاوٽ رهي آهي، جڏهن ته تهران جو اصرار آهي ته اسرائيل جا جان ليوا حملا بند ٿيڻ گهرجن.
تبصرے بند ہیں۔