صبح جو ننڊ مان اُٿندي ئي پاڻي پيئڻ جا حيران ڪندڙ فائدا

جسم لاءِ پاڻي انتهائي ضروري آهي اهو ته سڀ ڄاڻن ٿا پر گهڻا ماڻهو سوال ڪندا آهن ته صبح جو ننڊ مان اُٿندي ئي نيراني پاڻي پيئڻ فائديمند هوندو آهي؟ ته ان جو جواب آهي ”ها“.
صبح جو نيراني پاڻي پيئڻ جا ڪيترائي فائدا آهن، جيڪي اسان هيٺ بيان ڪري رهيا آهيون.
1: انساني دماغ جو 73 سيڪڙو حصو پاڻي تي ٻڌل آهي ته جسم ۾ پاڻي جي مناسب مقدار دماغي سرگرمين لاءِ تمام ضروري آهي، نيراني هڪ گلاس پاڻي پيئڻ ڏينهن جي سٺي شروعات ڏانهن قدم هوندو آهي.
2: جسم ۾ پاڻي جي کوٽ توانائيءَ به گهٽائي ڇڏيندي آهي، تنهن ڪري پاڻي جسم ۽ دماغي فعلن ۾ مدد ڏيندو آهي، گڏوگڏ اهو مزاج کي متوازن رکڻ لاءِ به ضروري آهي، سڄي رات پاڻي نه پيئڻ کانپوءِ صبح جو نيراني پاڻي پيئڻ سان جسم کي هاڪاري جهٽڪو لڳندو آهي، جنهن سان ذهني ۽ جسماني توانائي ۾ واڌ ٿيندي آهي.
3: رات جو 6 کان 8 ڪلاڪ ننڊ سبب جسم پاڻي کان پري رهندو آهي، اٿندي ئي هڪ يا ٻه گلاس پاڻي پيئڻ جسم کي فوري طور ري هائيڊريٽ ڪر۾ ۾ مدد جو سٺو طريقو آهي، طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪجهه ماڻهو اٿندي ئي چانهه يا ڪافي کي ترجيح ڏيندا آهن، اهو عمل اينٽي آڪسائيڊنٽس حاصل ڪرڻ جو بهترين ذريعو ته آهي پر جسم ۾ پاڻي جي کوٽ پوري نٿو ڪري.
4: نيراني پاڻي پيئڻ جي عادت ميٽابولزم کي بهتر بڻائي ٿي ۽ ٿولهه جو خطرو به گهٽ هوندو آهي، جيڪڏهن نيراني سڄر پاڻي پي ڇڏجي ته اهو پيٽ جي چرٻي گهٽائڻ لاءِ مددگار آهي.
5: ننڊ دوران جسم اندروني خرابين جي مرمت ۽ ريڪوري جو ڪم ڪندو آهي، نيراني پاڻي پيئڻ سان دفاعي نظام لاءِ زهريلا مادا جسم مان خارج ڪرڻ جي عمل ۾ تيزي اچي وڃي ٿي، دماغ سان گڏوگڏ دل، بُڪين ۽ ڦڦڙن لاءِ به نيراني پاڻي ڏاڍو ضروري هجي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔