خراب ڪپڙن ڌوئڻ واري مشين ڏيڻ تي ڪراچي جو شهري ڪمپني خلاف ڪنزيومر ڪرٽ پهچي ويو

ڪراچي: خراب ڪپڙن ڌوئڻ واري مشين ڏيڻ تي ڪراچي جو شهري ڪمپني جي خلاف ڪنزيومر ڪورٽ پهچي ويو.رپورٽ موجب موجب درخواست ڏيندڙ محمد ساجد پنهنجي درخواست ۾ ڪپڙن ڌوئڻ واري مشين وڪرو ڪندڙ ڪمپني کي به ڌر بنايو آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته مان ڪينسر جو مريض آهيان ۽ ڪپڙا ڌوئڻ جي ڪري پريشان آهيان. ڪمپني مون کي وارنٽي سان گڏ مشين ڏني هئي پر ڪجهه مهينا هلڻ کان پوءِ مشين خراب ٿي وئي.متاثر شهري جي درخواست تي ڪنزيومر پروٽيڪشن ڪورٽ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا ۽ 17 ڊسمبر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔