حڪومت عوام تي مهانگائيءَ جو هڪ ٻيو بم ڪيرائي ڇڏيو

اسلام آباد : حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 5 رپيا في ليٽر تائين واڌ ڪري ڇڏي.
پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ تبديلي ڪئي وئي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
ناڻي واري وزارت جي پڌرائيءَ موجب پيٽرول جي قيمت ۾ في ليٽر 3 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ به في ليٽر تي 3 رپيا وڌائي وئي آهي.
پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته واڌ کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 103 رپيا 69 پئسا في ليٽر، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت 108 رپيا 44 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.
ناڻي واري وزارت موجب گاسليٽ ۽ لائٽ ڊيزل آئل به في ليٽر تي 5-5 رپيا مهانگو ڪيو ويو آهي.
اگهن ۾ تبديلي کانپوءِ گاسليٽ جي في ليٽر قيمت 70 رپيا 29 پئسا ۽ لائٽ ڊيزل آئل جي نئين قيمت 67 رپيا 86 پئسا مقرر ٿي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔