پرائيويٽ اسڪولز ايسوسي ايشنز جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي پاران 11 جنوري کان هرصورت ۾ اسڪول کولڻ جو اعلان

اسلام آباد: پرائيويٽ اسڪولز ايسوسي ايشنز جي جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي 11 جنوري کان هر صورت ۾ اسڪول کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ٽِيهن کان وڌيڪ پرائيويٽ اسڪولز جي عهديدارن جو هنگامي اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو ، اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي عهديدارن جو چوڻ هو ته حڪومت اعلان ڪري يا نه ڪري 11 جنوري تي هر صورت ۾ اسڪول کوليا ويندا ،اسڪول کولڻ جي ڪهڙي حڪمت عملي هوندي اها بعد ۾ طئي ڪئي ويندي ، حڪومت به 11 جنوري جي تاريخ ڏني آهي.

هنن چيو ته سڀني ايسوسي ايشنز ۽ سسٽم تي ٻڌل سپريم ڪونسل جوڙي آهي ، جيڪڏهن حڪومت ادارو سيل ڪندي ته ڀرپور احتجاج ڪنداسين ، جڏهن سڀ ڪجهه کليل آهي ته پوءِ تعليمي ادارا ڇو بند آهن ؟

جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي جي عهديدارن تعليمي ادارن کي بنا وياج قرض ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي ، هن چيو ته هو ايس او پيز تحت اسڪول هلائيندا .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔