جاپان جو ڪورونا روڪٿام لاءِ پاڪستان کي 1.54 ارب رپيا ڏيڻ جو اعلان

اسلام آباد: جاپان ڪورونا جي روڪٿام لاءِ پاڪستان کي 1.54 بلين رپين جي امداد فراهم ڪندو.
اقتصادي معاملن واري وزارت جي پڌرائيءَ موجب جاپان ۽ پاڪستان ۾ گرانٽ ايڊ معاهدو ٿيو آهي، جنهن تحت جاپان ڪورونا جي روڪٿام لاءِ پاڪستان کي 1.54 بلين رپيا گرانٽ فراهم ڪندو.
معاهدي تي صحيحن جي تقريب اقتصادي معاملن واري وزارت ۾ ٿي، جنهن ۾ جاپاني سفير ۽ اقتصادي معاملن واري سيڪيرٽري شرڪت ڪئي.
معاهدي تحت طبي شعبي سان سلهاڙيل سامان خاص طور وينٽيليٽرز ۽ آڪسيجن سلينڊرز جي خريداري ۾ مدد ملندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔