اي پي ايس سانحي کي 6 سال گذري ويا، قوم جا زخم اڃان تازه

پشاور: اي پي ايس سانحي کي 6 سال گذري ويا ، افسوسناڪ واقعي جا زخم اڃان به تازه آهن، ظالم دهشتگردن جي حملي ۾ 132 شاگردن سان گڏ عملي سميت 150 ماڻهو شهيد ٿيا .

16ڊسمبر 2014 جو سج معمول جيڪو نروار ٿيو ، صبح جو 10 وڄي چاليهه منٽن تي 6 دهشتگردن اسڪول تي حملو ڪيو ، پشاور جي فضا ڌماڪن ۽ گولين جي آوازن سان گونجي پئي .جديد هٿيارن سان ليس دشمن معصوم ٻارڙن ۽ اسڪول جي عملي کي نشانو بڻايو .

علم جي روشني پکيڙيندڙ استادن به پنهنجي جانين جو نذرانو ڏنو ۽ اسڪول جي پرنسيپال طاهره قاضي جي فرض شناسي سالن تائين ياد رکي ويندي جيڪا ٻارن ۽ دهشتگردن جي وچ ۾ ديوار بڻجي بيٺي رهي .

اي پي ايس سانحي کانپوءِ قوم ۽ سڪيورٽي ادارن نئين عزم سان دهشتگردن جو مقابلو ڪيو ۽ انهن تي پاڪ ڌرتي جي زمين تنگ ڪري ڇڏي .

 ڊسمبر 2014 جي المناڪ حادثي ۾ شهادت جي اعليٰ رتبي تي فائز ٿيندڙ 150 جي قريب شهيدن جي ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي ، پشاورجي آرمي پبلڪ اسڪول ۾ تقريب لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن ، ڪورونا جي ڪري تقريب مختصر هوندي ، گذريل رات اي پي ايس ۾ شهيدن جي يادگار تي وارثن پاران حاضري ڏني وئي .

خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان چيو آهي ته 16 ڊسمبر جي شهيدن کي اسان نه وساريو آهي ، آرمي پبلڪ اسڪول جي ننڍڙن ۽ معصوم ٻارڙن پنهنجي رت سان تاريخ لکي آهي .

هن چيو ته شهيدن جي قرباني قوم کي طاقت ڏني ۽ دهشتگردن کي شڪست ڏني .اسان شهيدن جي وارثن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون .

گورنر شاهه فرمان چيو آهي ته 16 ڊسمبر دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ عظيم قرباني جي ياد تازي ڪري ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔