عورت طرفان بابر اعظم تي لڳل الزام عدالت ۾ ڪوڙا قرار

لاهور: پوليس قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم تي عورت طرفان لڳل الزامن کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو.
قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم تي الزامن بابت جاچ آفيسر رپورٽ سيشن ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.
پوليس رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عورت جي الزامن ۾ ڪا به صداقت ناهي، 2017ع ۾ عورت جو موقف ٻڌڻ کان پوءِ ڪيس جي درخواست ڪري چڪا آهيون.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عورت بابر اعظم جي خلاف خاص شاهديون ڏيڻ ۾ ناڪام رهي آهي، عدالت درخواست کي قانون جي روشني ۾ اُڪلائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔