وفاقي ڪابينا پي ڊي ايم جي مطالبن کي غير جمهوري قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: وفاقي ڪابينا، پي ڊي ايم جي مطالبن کي غير آئيني ۽ غير جمهوري قرار ڏئي ڇڏيو، وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پي ڊي ايم جي تحريڪ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ڪابينا پيٽرول بحران تي اسد عمر جي سربراهي ۾ 3 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي، ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز کي اين ڊي ايم اي چيئرمين مقرر ڪرڻ جي منظوري، گيس ڪمپنين ۾ مستقبل سربراهه مقرر ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي، بجلي ورڇ بابت 3 ڪمپنين جي سربراهن جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ جي تجويز رد ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔