حڪومت ضد ۾ شهباز شريف ۽ خورشيد شاهه کي جيل ۾ وڌو: بلاول ڀٽو زرداري

لاهور: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي نواز ليگ جي صدر شهباز شريف سان ڪوٽ لکپت جيل ۾ ملاقات، بلاول ڀٽو زرداري شهباز شريف سان والده جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي، ذريعن موجب ٻنهي اڳواڻن ۾ ملاقات دوران پي ڊي ايم جي فيصلن تي به صلاح مشورا ڪيا ويا، ٻئي پاسي ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهباز شريف سان سندس ماءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي، حڪومت ضد ۾ شهباز شريف کي جيل ۾ وڌو آهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت ۾ نظام هلائڻ جي اهليت نه آهي، عمران پي ٽي آءِ جو ليڊر ۽ پي ٽي آءِ جو ئي وزيراعظم آهي، اسان چاهيون ٿا ته ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت بحال ٿئي، حڪومت جي مرضي آهي ته مخالف جيل ۾ هجن، پي ڊي ايم هڪ پيج تي آهي، مهانگائي جي سونامي ۾ عوام ٻڏي رهيو آهي، ڪٺ پتلي وزيراعظم آهي، نيشنل ڊائيلاگ ڇو؟، اسان جون استعيفائون ائٽم بم آهن، پي ڊي ايم حڪمت عملي جوڙي استعيفيٰ ڏيندي، ملڪ کي بحران مان ڪڍڻو آهي ته وزيراعظم کي استعيفيٰ ڏيڻي پوندي، حڪمرانن کي 31جنوري تائين مهلت آهي، هي حڪومت ايتري ڪري جو لاش تي به سياست ڪئي، ناجائز حڪمرانن ۾ سچ ڳالهائڻ جو حوصلو ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔