اپوزيشن وارا سنجيده آهن ته 31 جنوري تائين اسپيڪر آڏو استعيفيٰ پيش ڪن: شاهه محمود

اسلام آباد: پرڏيهي وزير طرفان حڪومت کان استعيفيٰ وارو پي ڊي ايم جو مطالبو غيرآئيني ۽ غير جمهوري قرار، شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ۽ پي ٽي آءِ حڪومت کي عوام جو مينڊيٽ حاصل آهي، پي ڊي ايم جي مطالبي تي استعيفيٰ ڇو ڏيون؟ استعيفيٰ ۽ لانگ مارچ جي آپشنز تي پي ڊي ايم ورهايل آهي، اپوزيشن وارا سنجيده آهن ته 31 جنوري تائين اسپيڪر آڏو استعيفيٰ پيش ڪن، عوام پي ڊي ايم جي جلسن کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي آهي، پي ڊي ايم جو اتحاد عارضي ۽ غير فطري آهي، اتحاد جٽاءُ نه ڪري سگهندو، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران پرڏيهي وزير چيو ته پي ڊي ايم جي مشروط ڳالهين واري آڇ قبول نٿا ڪريون، ڌمڪين سان ڳالهه اڳتي نه وڌندي، نواز ليگ ۾ مريم نواز ۽ شهباز شريف جي ڌار ڌار سوچ آهي، بلاول ڀٽو زرداري کي پنهنجي ناني جي سياست مان سکڻ گهرجي، پيپلز پارٽي اڃا تائين استعيفائن جي مامري تي ڪوبه فيصلو ناهي ڪيو، پ پ ۾ فيصلا بلاول نه، پر آصف زرداري ڪندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔