سماجي مدد سان نفسياتي ۽ دماغي مرض گهٽ ٿي سگهي ٿو

جيڪڏهن گهر جا ڀاتي، دوست ۽ سماج ملي ڪري نوجوانن جي مدد ۽ حوصلا افزائي ڪن ته ان سان دماغي ۽ نفسياتي مرض گهٽ ٿي سگهي ٿو.
هيءَ تحقيق آمريڪي جرنل آف آمريڪن آف ميڊيڪل ايسوسيئيشن ۾ شايع ٿي، ان تي تحقيق ڪندڙن ۾ ميري ڪلائوڊي جيفري اڳيان آهي، جيڪا مڪ گل يونيورسٽي ۾ نفسياتي ڪائونسلنگ ۽ ان سان لاڳاپيل تعليم جي ماهر آهي، هن جي تحقيق ٻڌائي ٿي دوست ۽ گهر جا ڀاتي ساٿ ڏين ته پهريان ماڻهو نفسياتي مرضن کان پري رهي ٿو جنهن ۾ ڊپريشن، گهٻراهٽ، آپگهات جا خيال ۽ ان جي ڪوشش ڪرڻ شامل آهن، پوءِ دوست ۽ گهرڀاتي اهڙين ڪيفيتن کان پري ڪرڻ ۾ غير معمولي اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔