ويڪسين جي استعمال کان پوءِ ڪورونا کي قابو ڪرڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو؟

لاهور: ڪورونا وائرس ويڪسين جي تياري جي بهتر خبرن سان ماڻهن ۾ اها اميد نظر اچي رهي آهي ته شايد انهن جي زندگي جلد معمول تي اچي ويندي پر طبي ماهرن جي ان حوالي سان راءِ ڪجهه ٻئي آهي.ويڪسين ڪيئن ڪم ڪندي آهي؟ ۽ ڇا اها ويڪسين ڪورونا وائرس سبب دنيا کي جلد بچائڻ ۾ ڪامياب ويندي؟ ان حوالي سان ماهرين جو ڇا چوڻ آهي اچو انهن کان ڄاڻ وٺون ٿا.ماضي جي تجربن مان اها خبر پوي ٿي ته ڪنهن به ويڪسين جي ذريعي بيماري تي فوري طور تي قابو نٿو ڪري سگهجي ۽ اها ويڪسين بيماري جي خلاف قدمن جو صرف هڪ حصو هوندي آهي.مثال جي طور تي برطانيه م خناق جي ويڪسين 1942ع ۾ سامهون آئي جڏهن ته ڪاري کنگهه جي 1957ع ۾ ۽ خسره جي ويڪسين 1968ع کان مريضن کي ڏيڻ شروع ڪئي وئي.ويڪسين سامهون اچڻ جي 77 سالن کان پوءِ خناق جا 2019 ۾ 10 ڪيس سامهون آيا، ڪاري کنگهه جا 2018 ۾ 3994 ڪيس جڏهن ته خسري جا برطانيه ۾ 2422 ڪيسز رپورٽ ٿيا يعني ان بيمارين جي خلاف ڪاميابي ڪافي سالن کان پوءِ ئي حاصل ٿي سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔