پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي واڌ جا امڪان

اسلام آباد: اوگرا طرفان حڪومت کي پيٽروليم شين ۾ وڏي واڌ جي تجويز موڪلي وئي آهي.
16 ڊسمبر کان پيٽروليم شيون 7 رپيا في ليٽر مهانگيون ڪرڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين ۾ واڌ جي تجويز تيار ڪئي وئي آهي جنهن ۾ هاءِ اسپيڊ ڊيزل 7 رپيا في ليٽر مهانگو ڪرڻ جڏهن ته پيٽرول جي قيمت ۾ 5 رپيا في ليٽر واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي.
ذريعن موجب اوگرا سمري پيٽروليم ڊويزن ڏانهن موڪلي وئي آهي. وزير اعظم جي منظوري کان پوءِ نوان اگهه لاڳو ڪيا ويندا. ناڻي واري وزارت نون اگهن جو اعلان ڪندي جڏهن ته نوان اگهه 15 ڏينهن لاءِ لاڳو هوندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔