اداڪارا صنم جنگ به ڪورونا وائرس جو شڪار

ڪراچي: اداڪارا ۽ ميزبان صنم جنگ به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي وئي.
32 ورهين جي صنم جنگ پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ذريعي ڪورونا وائرس سان متاثر ٿيڻ جي تصديق ڪئي.
سندس چوڻ هو ته مان پنهنجي سڀني چاهيندڙن ئي ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته منهنجي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري آئي آهي، جنهن کانپوءِ مان ۽ منهنجي ڌيءُ مڪمل طور آئسوليٽ ٿي ويا آهيون ۽ شڪر ٿي ڪيان ته مون ۾ سخت علامتون ناهن.
هن درخواست ڪندي چيو ته وبا کي سنجيدگي سان وٺو، ڪورونا هڪ حقيقت آهي، مهرباني ڪري احتياط ڪيو، ماسڪ مايو ۽ ميڙاڪن کان پاسو ڪندي گهر ۾ پاڻ کي محفوظ رکو.
اسٽوري ۾ صنم جنگ مداحن کي پنهنجي ۽ ڌيءُ جي صحتيابي لاءِ دعا جي پڻ درخواست ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔