مودي حڪومت جي هوندي پاڪ – ڀارت سيريز ٿيڻ ڏکيو آهي: وسيم خان

ڪراچي: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو وسيم خان چيو آهي ته اسان ڀارت سان کيڏڻ لاءِ تيار آهيون پر مودي حڪومت جي هوندي ٻنهي ملڪن ۾ ڪرڪيٽ سيريز ٿيڻ ڏکيو آهي.
ڪراچي پريس ڪلب جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي وسيم خان چيو ته ٽور سليڪشن ڪميٽي بااختيار آهي، بابر اعظم جي ان فٽ هجڻ تي نئين ڪپتان جو فيصلو ٽور سليڪشن ڪميٽي پاڻ ڪندي، پي سي بي 5 سالن جي پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي.
پاڪ – ڀارت سيريز جي حوالي سان هن چيو ته مودي حڪومت جي هوندي سيريز ٿيڻ ڏکيو آهي، ڀارتي بورڊ کي سيريز لاءِ پنهنجي حڪومت کان اجازت گهربل هوندي آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ بحال ٿي رهي آهي، گذريل ٻن سالن ۾ بهتري لاءِ قدم کنيا آهن، ڏکڻ آفريقي ٽيم جي دوري سان وڏو فائدو ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔