ترڪي هڪ ڀيرو ٻيهر اسرائيل سان لاڳاپا بحال ڪري ورتا

انقرا: ترڪي هڪ ڀيرو ٻيهر اسرائيل سان لاڳاپا بحال ڪري ورتا.
ترڪي غزا ۾ فلسطينين تي حملن جي ردعمل ۾ 2018 ۾ اسرائيل مان پنهنجو سفارتڪار واپس گهرائي ورتو هو، جنهن جي جواب ۾ اسرائيل به پنهنجي سفير کي واپس گهرايو هو پر هاڻ ٻن سالن کانپوءِ ترڪي اسرائيل لاءِ پنهنجو سفير نامزد ڪري ڇڏيو آهي.
ترڪ صدر رجب طيب اردگان 40 ورهين جي افق اولوتاس کي اسرائيل ۾ سفير مقرر ڪيو آهي.
رپورٽن موجب ترڪي جو اهو فيصلو نئين چونڊيل آمريڪي انتظاميا سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي ڪوششن جو حصو آهي.
هوڏانهن اسرائيل ترڪي طرفان اهڙي اڳڀرائي تي اڃا تائين ڪو قدم ناهي کنيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔