گوگل جي مقبول ترين سرچ انجڻ ۾ انتهائي اهم ۽ وڏي تبديلي

گوگل 2018 ۾ ٻڌايو هو ته آپريٽنگ سسٽم ۽ ايپس ۾ ڊارڪ موڊ جي موجودگي ڪنهن ڊيوائس جي بيٽري لائف وڌائڻ ۾ مدد ڏيندي آهي.
ڊارڪ موڊ اهڙو آپشن آهي جيڪو ڪنهن آپريٽنگ سسٽم يا ايپ جي ڪلر اسڪيم کي ڪاري يا گهري رنگ ۾ تبديل ڪندو آهي.
ان موقعي تي گوگل هڪ اهڙو مثال ڏيندي چيو هو ته نارمل موڊ جي ڀيٽ ۾ ڊارڪ ٿيم سان يوٽيوب جي استعمال تي بيٽري پاور 43 سيڪڙو گهٽ استعمال ٿئي ٿي، ڇو ته نارمل موڊ ۾ اسڪرين اڇو رنگ گهڻو استعمال ڪري بيٽري تيزي سان خرچ ڪندي آهي.
هاڻ 2 سالن کان پوءِ گوگل جي ڊيسڪ ٽاپ سرچ بيج ۾ ڊارڪ موڊ متعارف ڪرايو پيو وڃي.
نائن ٽو فائيو گوگل موجب ڪمپني طرفان ڊيسڪ ٽاپ سرچ پيج تي ڊارڪ ٿيم جي آزمائش ڪئي پئي وڃي، جنهن جي پس منظر ۾ اڇي جي جاءِ تي گهرو رنگ هوندو، جڏهن ته گوگل جو رنگا رنگ لوگو به اڇو هوندو.
هي فيچر گوگل سرچ جي موبائل ايپ جي ڊارڪ موڊ ويزن سان ملندڙ جلندڙ آهي جيڪو صارفن کي مئي 2020ع کان ملندو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هي فيچ ڊيسڪ ٽاپ تي محدود انگ ۾ صارف کي ملندو ۽ هڪ صارف جي موجب هن وٽ آٽوميٽڪ طور تي ٿيم ٽرن آن ٿي ۽ ڪجهه دير بعد وائٽ ٿيم واپس اچي وئي.
گوگل طرفان في الحال ان حوالي سان ڪو به بيان جاري ناهي ڪيو ويو ۽ اڃان تائين واضح ناهي ٿيو ته سمورن صارفن لاءِ ان کي ڪيستائين متعارف ڪرايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔