سلمان خان ڪنگ خان جي فلم”پٺاڻ“ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار

ممبئي: بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جا مداح بي صبري سان هنن جي فلمن جو انتظار ڪندا آهن، اهوئي سبب آهي جو هو ٻن سالن جي آرام کانپوءِ هڪ دفعو ٻيهر فلمن ۾ واپسي ڪري رهيو آهي پر شاهه رخ ڪيترن ئي سالن کان ڪا سپرهٽ فلم ڏيڻ ۾ ناڪام ٿيو آهي، ان ڪري هو سلمان خان جي انٽري ذريعي فلم ڪامياب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب شاهه رخ خان سڌارت آنند جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم”پٺاڻ“ ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ ايجنٽ جو ڪردار ڪندو، فلم ۾ هن سان دپيڪا پڊڪون مرڪزي ڪردار ڪندي ۽ ان کان علاوه جان ابراهيم به اهم ڪردار ۾ نظر ايندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔