طالبان جي حملي ۾ 10 افغان سيڪيورٽي اهلڪار اجل جو شڪار

ڪابل: اتر افغانستان ۾ طالبان گهٽ ۾ گهٽ 10 سيڪيورٽي فورسز اهلڪارن کي ماري ڇڏيو.
افغان اختيارين موجب اهڙو جاني نقصان قندوز صوبي جي ضلعي امام صاحب ۾ سومر ڏينهن طالبان جي هڪ حملي ۾ ٿيو.
مارجي ويلن ۾ 8 پوليس آفيسر ۽ 2 فوجي سپاهي شامل آهن، جڏهن ته زخمين جو حتمي انگ ناهي ٻڌايو ويو.
واضح رهي ته افغانستان ۾ گذريل ٻن مهينن کان افغان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ امن ڳالهيون جاري آهن پر پرتشدد واقعن جو سلسلو به مسلسل هلندڙ آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔