عورت ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ مهيني ڏکڻ آفريقا جو دورو ڪندي

لاهور: پاڪستان عورت ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ مهيني ڏکڻ آفريقا جو دورو ڪندي ۽ ٽي هڪ ڏينهن ۽ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچز کيڏندي.
پي سي بي ۽ ڪرڪيٽ سائوٿ آفريقا وچ ۾ ڳالهين بعد دوري کي آخري شڪل ڏني وئي آهي، ٻنهي ملڪن جي عورت ڪرڪيٽ ٽيمن ۾ سيريز 20 جنوري کان 3 فيبروري تائين جاري رهندي، سيريز جي شروعات ۽ آخر ڊربن کان ٿيندي، اتي کيڏيو ويندڙ پهريون هڪ ڏينهن وارو ميچ 20 جنوري جڏهن ته ٽيون ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ 3 فيبروري ٿيندو، هي ميچ روشني ۾ کيڏيا ويندا.
18 رڪني حتمي اسڪواڊ جو اعلان 31 ڊسمبر تي ڪيو ويندو جنهن ۾ ايمن انور، عاليه رياض، انعم امين، عاشه نسيم، عائشه ظفر، بسمه معروف، ڊيانا بيگ، فاطمه ثناء خان، ارم جاويد، جويريه خان، جويريه رئوف، ڪائنات امتياز، ڪائنات حفيظ، ماهم طارق، منيبه علي، ناهيده خان، نجيه علي، نشره سنڌو، نتاليه پرويز، ندا ڊار، عميمه سهيل، رامين شميم، صباء نذير، سعيديه اقبال، سدره امين، سدره نواز ۽ سيده عروب شاهه ممڪن طور تي شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔