چين پاڪستان کي سعودي قرض جي واپسي لاءِ ڏيڍ ارب ڊالر ڏيڻ تي راضپو ظاهرڪري ڇڏيو

اسلام آباد: چين پاڪستان کي سعودي عرب طرفان ڏنل قرض واپس ڪرڻ جي لاءِ هڪ کان ڏيڍ ارب ڊالر  تڪڙا ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

هي ٻيون ڀيرو آهي جڏهن چين پاڪستان جي مدد لاءِ سامهون آيو آهي. هلندڙ سال دوران پاڪستان چين جي مدد سان سعودي عرب کي هڪ ارب ڊالر جو قرض واپس ڪيو هو. اهڙي طرح پاڪستان سعودي عرب کان ورتل 3 ارب ڊالر قرض مان 2 ارب ڊالر 3 سيڪڙو وياج سان گڏ واپس ڪري ڇڏيندو.

ذريعن موجب پاڪستان جي حڪومت سڀاڻي تائين سعودي عرب کي هڪ ارب ڊالر جي رقم ادا ڪري ڇڏيندو جڏهن ته باقي رهيل هڪ ارب ڊالر به پاڪستان ايندڙ مهيني ادا ڪري ڇڏيندو. ناڻي واري وزارت جي اختيارين  سان جڏهن ان حوالي سان رابطو ڪيو ويو ته ان جو چوڻ هو ته هي ٻن ملڪن جي وچ ۾ ڳجهو معاملو آهي.

هن اڳڀرائي سان جڙيل هڪ اعليٰ عهديدار جو چوڻ آهي ته رقم جمع ڪرڻ آءِ ايم ايف پروگرام جو حصو آهي ۽ قرض ڏيندڙ اٿارٽي کان هن معاهدي وقت زباني ۽ لکت ۾ گارنٽي ورتي هئي  ته پيڪيج  جي ٽائيم دوران معاهدي ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي ڪري سگهجي ٿي.

واضح رهي ته پاڪستان جي لاءِ آءِ ايم ايف مشن جي چيف انسٽوريميريزرگو  مالي ادائيگين جي معاهدي وقت توثيق جي لاءِ چين به ويو هو. ياد رهي ته سعودي عرب طرفان اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي اڪائونٽ ۾ 15 ڊسمبر 2018 تي 3 سالن جي مدي لاءِ رقم وڌي وئي هئي ۽ پاڪستان اها رقم لاڳاپيل شيڊول کان اڳ واپس ڪري رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔