پيٽرول بحران جِي جاچ ڪندڙ ڪميشن اوگرا کي اَڇو هاٿي قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: پيٽرول بحران جِي جاچ ڪندڙ ڪميشن اوگرا کي اَڇو هاٿي قرار ڏئي ڇڏيو، ايڪٽ آف پارليامينٽ تحت اوگرا کي ختم ڪرڻ جِي سفارش ڪئي وئي.  جاچ رپورٽ وزيراعظم ڏانهن اماڻي وئي. ذريعن موجب رپورٽ ۾ اوگرا، پيٽروليم ڊويزن، پيٽروليم سيڪريٽري ۽ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيون بحران جون ذميوار قرار ڏنو ويو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 20  ڏينهن لاءِ پيٽرول جو ذخيرو نه ڪرڻ مجرماڻي غفلت آهي، اوگرا پيٽرول بحران دوران خاموش تماشائي جو ڪردار ادا ڪيو، شهزاد اڪبر چيو آهي ته اڄ رپورٽ ڪابينا ۾ پيش ڪئي ويندي ۽ ڪابينا جِي منظوري سان رپورٽ پڌري ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔