لاهور ۾ مينارِ پاڪستان تي جلسو ڪرڻ تي پي ڊي ايم جي قيادت خلاف ڪيس داخل

لاهور: لاهور ۾ مينارِ پاڪستان تي جلسو ڪرڻ تي پي ڊي ايم جي قيادت خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، نواز ليگ اڳواڻ مريم نواز، احسن اقبال، خواجه سعد رفيق، شاهد خاقان عباسي، راڻا ثناءُ الله، مريم اورنگزيب ۽ ٻيا ليگي اڳواڻ جوابدار نامزد، ڪيس ۾ قومي ورثي کي ازالو نه ٿيڻ جوڳو نقصان پهچائڻ، ڪورونا ايس او پيز ۽ سائونڊ سسٽم ايڪٽ جي ڀڃڪڙي سوڌو ٻيا قلم شامل، نواز ليگ جي مرڪزي ترجمان مريم اورنگزيب ڪيس جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪوڙن جي حڪومت جو ڪيس جلسي جي ڪاميابي جو لکت ۾ ثبوت آهي، لاهور واري جلسي کي گهٽ ڏيکارڻ واري پروپگئنڊا ۾ بدترين ناڪامي بعد لاچاري مان ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو، عمران خان صاحب! ڀلي ڪيترا به ڪيس داخل ڪرايو، عوام توهان کي اين آر او نه ڏيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔