ڪورونا وائرس: سڄي دنيا ۾ سورنهن لک تيرنهن هزار ٻه سئو ڇاهٺ مريض حياتيون وڃائي ويٺا

عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب سڄي دنيا ۾ 7 ڪروڙ 21 لک 91 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ۽ 16 لک 13 هزار 266 فوتگيون ٿي چڪيون آهن.دنيا ۾ ڪورونا جا 5 ڪروڙ 5 لک 71 هزار کان وڌيڪ مريض صحتياب ٿي چڪا آهن ۽ 2 ڪروڙ هڪ لک 95 هزار کان وڌيڪ علاج هيٺ آهن.آمريڪا ۾ ڪورونا جي صورتحال سڀني کان وڌيڪ خراب آهي جتي 3 لک 5 هزار 82 فوتگيون ٿي چڪيون آهن ۽ هڪ ڪروڙ 65 لک 49 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن. ڀارت ڪورونا ڪيسن جي حوالي سان دنيا ۾ ٻئين نمبر تي آهي جتي فوتين جو انگ هڪ لک 43 هزار 55 هزار ۽ 98 لک 57 هزار کان وڌيڪ ماڻهن ۾ وائرس جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي.برازيل ۾ ڪورونا سبب ٿيندڙ فوتگين جو گڏيل انگ هڪ لک 81 هزار 143 ۽ 688 لک 80 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن. روس ۾ 26 لک 25 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿي چڪا آهن ۽ فوتين جو گڏيل انگ 46 هزار 453 ٿي ويو آهي.فرانس ۾ 23 لک 65 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ۽ 57 هزار 761 فوت ٿي چڪا آهن. برطانيه ۾ 18 لک 30 هزار ڪورونا ڪيس ۽ 64 هزار 26 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن. اٽلي ۾ به 18 لک 25 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن. جڏهن ته 64 هزار 36 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.سڄي دنيا ۾ پهريان 50 لک ڪيسن جو سفر 186 ڏينهن ۾ طئي ٿيو. هڪ ڪروڙ کان 2 ڪروڙ ڪيس ٿيڻ ۾ 43 ڏينهن لڳا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔