ڪورونا ڪيسن ۾ مسلسل واڌ سبب جرمني ۾ ٻيهر سخت لاڪ ڊائون جو فيصلو

برلن : جرمني ۾ ڪورونا وائرس جي نون مريضن جي انگ ۾ مسلسل واڌ سبب ٻيهر سخت لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ان لاڪ ڊائون دوران کاڌي پيتي جو واپار ڪندڙ سپر مارڪيٽن کي ڇڏي ملڪ ۾ سمورا دڪان ۽ واپاري مرڪز وري بند رهندا.
اهڙو فيصلو اڄ آچر ڏينهن جرمن چانسلر انجيلا ميرڪل سمورن 16 صوبن جي وڏن وزيرن سان هڪ آن لائن مشاورتي اجلاس کانپوءِ ڪيو.
جرمني ۾ ڪورونا وائرس سبب هيل تائين نرم لاڪ ڊائون جي ڀيٽ ۾ اهو سخت لاڪ ڊائون 16 ڊسمبر کان 10 جنوري تائين جاري رهندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔