پهريون ڀيرو ايڪسري ذريعي اوڻيهه سئو سال پراڻي ممي جو مشاهدو ڪيو ويو

سائنسدانن پهريون ڀيرو ڪنهن ممي جو مشاهدو انتهائي طاقتور ايڪسري سان ڪري ڪپڙي جي تهن ۾ ويڙهيل ڍانچي بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪري ورتي آهي. ان کان علاوه هن قسم جي مشاهدن لاءِ ڪپڙي جا سمورا تهه لاهڻا پوندا هئا جنهن سان قديمي اثاثي جو نقصان ٿيندو هو.ايڪسري جي جن شعائن کي ممي تي وڌو ويو اهو هڏين جي ڌاتن ۽ ٻين شين جو مشاهدو ڪري سگهي ٿو. مشاهدي موجب لاش پنج ساله ڇوڪريءَ جي آهي ۽ ان سان گڏ هڪ تعويذ به آهي جنهن جو مقصد شايد آخري واري سفر ۾ آساني پيدا ڪرڻ آهي. ڇوڪريءَ جو ڍانچو صحيح سلامت اهي ۽ لڳي ٿو ته ان جي موت ڪنهن بيماري سبب ٿي آهي. هن مشاهدي ۾ شامل ڊاڪٽرن چيو آهي ته اسان چاهيون ٿا ته جديد ٽيڪنالوجي جي مدد سان ننڍن ننڍن ذرات جو مشاهدو ڪري سگهون. ماهرن جو چوڻ آهي ته ايڪسري سان ڍانچي کي ڪو به نقصان ناهي پهتو. ممي جي مشاهدي ۾ شامل ٽيم ٻڌايو ته ڍانچي جي جنس بابت پڪيون شاهديون ته ناهن مليون پر ٻين شين ذريعي ان جو اشارو ملندو آهي. ڍانچي جي پاسي ۾ ڪجهه سيون به قطار ۾ لڳل آهن جنهن مان خبر پئي ٿي ته سيون جديد ڌات سان ٺاهيون ويون آهن.مشاهدي لاءِ اختيار ڪيل نئين طريقيڪار جي مدد سان ممي ٺاهڻ جي عمل ۽ ان جي زندگي جي باري ۾ وڌيڪ ڏکي ڄاڻ به ملي سگهندي. هن ٽيڪنالوجي ذريعي ان شين کي ڄاڻڻ ۾ به مدد ملندي جنهن کي روايتي طريقن سان ڄاڻڻ ممڪن ناهي. ان سان سائنسدانن کي اهي راز ڄاڻڻ ۾ به مدد ملندي جيڪي شايد ڪڏهن به سامهون نٿا اچي سگهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔