افغان اختيارين جي 50 کان وڌيڪ طالبان مارڻ جي دعويٰ

ڪابل : افغان اختيارين قنڌار شهر ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ مقابلي کانپوءِ 50 کان وڌيڪ طالبان عسڪريت پسندن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
اختيارين موجب طالبان قنڌار شهر جي ڀر ۾ موجود ڪيترين ئي چيڪ پوسٽن تي هڪ ئي وقت گڏيل حملو ڪيو، جنهن جي جواب ۾ افغان فوج کي زميني شيلنگ سان گڏوگڏ فضائي گولاباري به ڪرڻي پئي.
ڪابل ۾ افغانستان جي بچاءَ واري وزارت ان ويڙهه ۾ سرڪاري دستن کي نقصان پهچڻ جي حوالي سان ڪي تفصيل ناهن ڏنا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔