جي ميل ۾ هڪ ٻئي بهترين فيچر جي واڌ

جي ميل دنيا جي مقبول ترين اي ميل سروس آهي ۽ گوگل ان کي اڃان وڌيڪ بهتر بڻائي ڇڏيو آهي.
گوگل هڪ بلاگ پوسٽ ۾ اعلان ڪيو ته هڻ صارف جي ميل ۾ مائيڪرو ساف آفس فائلز کي گوگل ڊرائيو ۾ محفوظ ڪرڻ کان سوءِ به تبديليون ڪري سگهندا.
ان کان اڳ گوگل طرفان مائيڪرو سافٽ آفس فائلز ۾ اينڊيٽنگ جي سهولت ته ڏني وئي هئي پر ان لاءِ گوگل ڊرائيو جو سهارو وٺڻو پوندو هو.
پر هن نئين اپ ڊيٽ کان پوءِ صارف جي ميل جي اندر ئي دستاويزن کي ايڊٽ ڪري سگهندا ۽ گوگل ڊرائيو تي محفوظ ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي.
يعني جڏهن ڪنهن صارف کي اي ميل ۾ ورڊ يا ايڪسل فائل ملندو ته سنگل ڪلڪ تي هو پنهنجي مرضي سان ايڊيٽنگ ڪري سگهندو.
اهڙي ريت صارف اوريجنل اي ميل ٿريڊ اپ ڊيٽ فائل سان گڏ رئيپلائي به ڪري سگهندا.
گوگل طرفان اِهو اعلان به ڪيو ويو آهي ته هو گوگل ڊاڪس ۾ مڪس پيج سپورٽ به متعارف پيو ڪرائڻ وڃي.
ان سپورٽ سان صارف نون دستاويزن سان گڏ ورڊ فائلز لينڊ اسڪيپ ۽ پورٽريٽ پيج سان گڏ ايڊٽ به ڪري سگهندا.
ڪمپني موجب ايندڙ سال هو گوگل ڊاڪس ۾ ٽيڪسٽ ۽ واٽر مارڪس جي پويان تصوير انسرٽ ڪرڻ جي سپورٽ به متعارف ڪرائي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔