ڪورونا وائرس: آمريڪا ۾ فائزر ويڪسين جي ايمرجنسي استعمال جي منظوري ڏني وئي

واشنگٽن: آمريڪا ۾ دوائن کي ريگوليٽ ڪندڙ اٿارٽي سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي حل لاءِ فائزر ويڪسين جي ايمرجنسي استعمال جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو ان بابت چوڻ آهي ته ويڪسين جي پهرين خوراڪ ايندڙ 24 ڪلاڪن کان گهٽ وقت ۾ ڏني ويندي.

ياد رهي ته فائزر ويڪسين جي استعمال جي سڀني کان پهرين منظوري برطانيه ڏني هئي.برطانيه ۾ ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جو عمل شروع ڪيو ويو هو ۽ سڀني کان پهرين وڏي عمر جي مريضن کي ويڪسين ڏني وئي هئي. برطانيه دنيا جو پهريون ملڪ بڻجي ويو آهي جنهن فائزر ويڪسين جو استعمال  شروع ڪيو.

ويڪسين تي عوام جو اعتماد قائم ڪرڻ جي ڪري برطانيه جي راڻي ۽ ان جي مڙس شهزادي فلپ به ويڪسين لڳرائي هئي. ڪورونا وائرس سبب ڳڻتي جوڳي صورتحال سبب مريضن کي به ترجيحي بنيادن تي ويڪسين ڏني ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔