هڪ مهيني دوران کنڊ جي اگهن ۾ ايڪٽيهه روپيه في ڪلو لاٿ ڪئي وئي: اسد عمر

اسلام آباد: وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته هڪ مهيني دوران کنڊ جي اگهن ۾ 31 روپيه في ڪلو لاٿ ڪئي وئي آهي.

رپورٽ موجب وفاقي وزير اسد عمر سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي لکيو آهي ته بگڙيل نظام بدلائڻ جي ڪوشش تي فائدو کڻندڙ مزاحمت ڪندا آهن.

اسد عمر وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن طاقتور ماڻهو هجن ته مزاحمت وڌيڪ ٿيندي آهي پر جيڪڏهن حڪومت جي نيت سٺي هجي ته اها طاقتور ماڻهن کي به پوئتي ڌڪڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي آهي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن  وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته مخالف ڌر کي جلسا ڪرڻ جي کليل اجازت آهي ۽ پي ڊي ايم جي جلسن سان عمران خان کي ڪوبه فرق نه پوندو. اقتدار جا بکيا آچر بازارون لڳائڻ وڃي رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔