ٽي ٽوئنٽي سيريز: نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ويلنگٽن: نيوزيلينڊ پاڪستان جي خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي اڳواڻي مچل سينيبز ڪندو. 

مارٽن گپٽل، اسڪاٽ ڪگلين، گلين سلفپس، اش سودهي، ٽم سيفرٽ ۽ بليئرٽگنز ٽيم ۾ شامل آهن. لوڊايسٽل، ڊوگ بريسويل، مارڪ چيمپچين، ڊيون ڪانوي ۽ جيب ڊفي به اسڪواڊ جو حصو آهي. ٻئين ۽ ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڪين وليمسن ٽيم جي اڳواڻي ڪندو. جڏهن ته فاسٽ بالر لوڪي فرگوسن انجري سبب سيريز کان ٻاهر آهي ۽ هميش بينيٽ به ان فٽ آهي.

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽي 20 سيريز ارڙهين ڊسمبر کان شروع ٿيندي. نيوزيلينڊ پاڪستان جي خلاف 3 ٽي 20 ۽ 2 ٽيسٽ ميچن جي ميزباني ڪندو. ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ پهريون ٽي 20 ميچ 18 ڊسمبر تي آڪلينڊ ۾ کيڏيو ويندو. ٻيون ميچ 20 ڊسمبر هيلمٽن، ٽيون ۽ آخري ميچ 22 ڊسمبر تي نيپئر ۾ کيڏيو ويندو.

ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ پهريون ٽيسٽ ميچ 26 کان 30 ڊسمبر تائين ٽورنگا ۾ کيڏيو ويندو. ٻيون ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 3 جنوري کان 7 جنوري تائين ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏيو ويندو. ياد رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ نيوزيلينڊ جي خلاف ٽي 20 لاءِ 18 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔