پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ، وڌيڪ 71 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد: ڪورونا وائرس سبب پاڪستان ۾ وڌيڪ 71 فوتگيون ٿي ويون آهن جڏهن ته وڌيڪ 2 هزار 729 مريض متاثر ٿيا آهن. 

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) موجب پاڪستان ۾ ڪورونا سبب فوت ٿي ويلن جو انگ8 هزار 724 تائين پهچي ويو آهي. جڏهن ته متاثر ماڻهن جو گڏيل انگ 4 لک 35 هزار 56 تائين پهچي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا جا 3 لک 81 هزار 208  مريض صحتياب ٿي چڪا آهن ۽ 45 هزار 124 علاج هيٺ آهن.

ڪورونا سبب سڀني کان وڌيڪ فوتگيون پنجاب ۾ ٿيون آهن جتي 3 هزار 320 مريض فوت ٿي چڪا آهن. جڏهن ته سنڌ ۾ 3 هزار 132، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ هزار 455، اسلام آباد ۾ 358، گلگت بلتستان ۾ 98، بلوچستان ۾ 173، ۽ آزاد ڪشمير ۾ 188 فوت ٿي چڪا آهن.

اسلام آباد ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ 34 هزار 300، خيبرپختونخواهه ۾ 51 هزار 404، سنڌ ۾ هڪ لک 92 هزار 735، پنجاب هڪ لک 26 هزار 526، بلوچستان 17 هزار 696، آزاد ڪشمير 7 هزار 620 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 775 ڄڻا ڪورونا سبب متاثر ٿي چڪا آهن.

سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 7.9 سيڪڙو ٿي وئي آهي. ڪراچي ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 17.39 سيڪڙو ٿي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔