پي ڊي ايم سڀاڻي لاهور ۾ جلسو ڪرڻ لاءِ تيار،تياريون مڪمل

لاهور : پي ڊي ايم سڀاڻي لاهور ۾ جلسو ڪرڻ لاءِ تيار آهي، حڪومت پاران اجازت ڏيڻ کان صاف انڪار ڪيو ويو، مينارِ پاڪستان گرائونڊ ۾ جلسي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون ، مختلف شهرن مان قافلا لاهور روانا ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي ، پرويز رشيد، نفيسا شاهه ۽ حسن مرتضيٰ چيو آهي ته سڀاڻي لاهور ۾ جلسو ضرور ٿيندو، حڪومت اپوزيشن جا جلسا ڏسي منٿ ميڙ تي لهي آئي آهي، شيخ رشيد گهرو وزير ٿيندي ئي ٿريٽس جاري ڪري ڇڏيو، جلسي ۾ ڪجهه به ٿيو ته ذميوار شيخ رشيد هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔