نيوزيلينڊ خلاف پريڪٽس ميچ ۾ شاهين آفريدي ڇهه شڪار ڪري ڌاڪو ڄمائي ڇڏيو

نيوزيلينڊ جي خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز جي شروعات کان پهريان شاهين آفريدي 6 شڪار ڪري ڌاڪو ڄمائي ڇڏيو
ڪوئنزٽائون ۾ کيڏيل پريڪٽس ميچ ۾ شاهين شاهه آفريدي شاندار بولنگ جو مظاهري ڪندي پنهنجي فارم ۽ فٽنس ثابت ڪري ڇڏي آهي، ٻيو پريڪٽس ميچ پاڪستان گرين نانءُ ڪيو، پاڪستان گرين پهريان کيڏندي مقرره بيس اوورز ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 150 رنز ٺاهيون، محمد حفيظ 48 ۽ بابر اعظم 40 رنز ٺاهي نمايان رهيو، شاهين شاهه آفريدي 6 وڪيٽون حاصل ڪيون، پاڪستان وائيٽ کي مقرره ويهه اووز ۾ 175 رنز جو روائيز ٽارگيٽ ڏنو ويو.
پاڪستان وائيٽ جي ٽيم مقرر ه ويهه اوورز ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 160 رنز ٺاهي سگهي، ذيشان ملڪ 50، حيدر علي 45 ۽ عبدالله شفيق 35 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، وهاب رياض، عثمان قدر ۽ عماد وسيم 2،2 وڪيٽون حاصل ڪيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔