ڪورونا کان بچاءُ لاءِ انوکو فيصلو: جهازن اندر باٿ روم تي پابندي

بيجنگ: چيني ايوي ايشن اٿارٽي پنهنجي هوائي عملي کي ڪورونا وائرس کان بچڻ لاءِ انوکو فيصلو ڪيو آهي.
برطانوي ميڊيا موجب چين جي ايوي ايشن اٿارٽي پنهنجي هوائي عملي کي ڪورونا وائرس جي خطري کان بچائڻ جي لاءِ باٿ روم استعمال نه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
چين جي ايوي ايشن اٿارٽي هدايت ڪئي آهي ته هوائي عملو ڪورونا کان بچڻ جي لاءِ نيپي جو استعمال ڪري.
ميڊيا رپورٽن موجب ايئر لائنز لاءِ جاري نئين گائيڊ لائنز ۾ عملي کي نيپي پائڻ جي هدايت ذاتي حفاظت جي شين جي سيڪشن جي تحت ڏني وئي آهي.
چيني اختيارين جو چوڻ آهي ته اهي هدايتون رڳو انهن چارٽرڊ جهازن جي عملي تي لاڳو هونديون جيڪي ڪورونا کان انتهائي متاثرن ملڪ۾ ويندڙ اڏامن ۾ خدمتون انجام ڏئي رهيا آهن.
ان سلسلي ۾ چين جي سول ايوي ايشن ايڊمنسٽريشن ايئر لائن جي عملي کي وائس کان بچائڻ لاءِ 49 صفحن تي ٻڌل گائيڊ لائنز جاري ڪئي آهي.
چيني سول ايوي ايشن موجب اهڙي اڏام جيڪا ڪنهن اهڙي ملڪ ۾ سفر ڪري هجي جتي هر هڪ ملين مان 500 کان وڌيڪ ماڻهو وائرس مان متاثر هجن ان جي عملي کي باٿ روم استعمال ڪرڻ جي بدران نيپي جو استعمال ڪرڻو پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔