ڪراچي ۾ وڌيڪ 3 ڊاڪٽر ڪورونا وائرس سبب فوت

ڪراچي: ڪراچي اندر 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 3 ڊاڪٽر ڪورونا وائرس جي ڪري فوت ٿي ويا. صحت کاتي موجب جناح اسپتال مان ريٽائرڊ ڊاڪٽر طاهر امين چوڌري ڪورونا سبب لاڏاڻو ڪري ويو جڏهن ته خانگي ڪلينڪ جو ڊاڪٽر وسيم الدين به ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويو. صحت کاتي جو ٻڌائڻ آهي ته اڳوڻو ڊي جو هيلٿ ڊاڪٽر عبدالستار ڪورائي به ڪورونا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويو هو ڪجهه ڏينهن کان خانگي اسپتال ۾ وينٽي ليٽر تي هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔