دهشتگردي جي واقعن ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جا ثبوت پيش ڪري ڇڏيا آهن: پرڏيهي وزير

اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته دهشتگردي جي واقعن ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جا ثبوت پيش ڪري ڇڏيا آهن. 

رپورٽ موجب پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي صدارت هيٺ علاقائي سلامتي ۽ ترجيحات بابت مشاورتي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ قومي سلامتي جي معاون خصوصي معيد يوسف، سيڪريٽري  خارجه سهيل محمود، اعلي عسڪري اختيارين ۽ پرڏيهي وزارت جي سينئر آفيسرن به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ڪورونا، والاريل ڪشمير جي صورتحال ۽ خطي کي پيش ايندڙ چيلنجن تي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڪورونا جي دوران والاريل ڪشمير ۾ پرتشدد ڪارروايون ڳڻتي جوڳيون آهن جڏهن ته اسان دهشتگردي جي واقعن ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جا پڪا ثبوت پيش ڪري ڇڏيا آهن.

شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته ڀارت جي هندوتوا سوچ تي ٻڌل پاليسين خطي جي خطرن کي وڌائي ڇڏيو آهي ۽ پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبن جي فوري طور تي تڪميل اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام پوري خطي جي انتهائي ضروري آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔