ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ برفباري سبب ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي

اسلام آباد: ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري سبب ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آهي.

موسميات کاتي موجب سڄي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برساتن سبب هڪ دفعو ٻيهر ٿڌ جي شدت ۾ واڌ ٿي وئي آهي. جڏهن ته اڄ ملڪ جي مختلف مٿانهين علائقن ۾ موسم جهڙالو رهڻ کان علاوه ڪشمير، گلگت بلتستان، مٿانهين پنجاب ۽ مٿانهين خيبرپختونخواهه ۾ برسات ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري جو امڪان آهي. موسميات کاتي جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته اڄ صبح جو پنجاب جي مختلف علائقن ۽ سنڌ ۾ صبح جي وقت ڪوهيڙو رهيو.

ڪراچي ۾ صبح جي وقت ڪوهيڙور هيو ۽ ڏسڻ جي حد هڪ ڪلو ميٽر تائين رهجي وئي. ملتان، بهاولپور، بهاولنگر ۽ ڊي جي خان ۾ به صبح جي وقت ڪوهيڙو رهيو ۽ اڄ رات جو به ڪوهيڙو رهڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته ڪوهيڙي سبب راولپنڊي موٽر وي هر قسم جي ٽريفڪ جي لاءِ بند ڪيو ويو آهي.

موسميات کاتي موجب اڄ سنڌ ۾ مختلف علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ ٿڌو رهندو،. مٿانهين پنجاب ۾ موسم جهڙالو رهڻ  کان علاوه پوٽهوهار، ميانوالي، سرگودها، فيصل آباد، لاهور، گوجرانوالا، سيالڪوٽ، نارووال  ۽ جهنگ ۾ برسات جو امڪان آهي.

خيبرپختونخواهه ۾ دير، چترال، بونير، سوات، شانگله، ڪوهستان، پشاور، مردان، مانسهره ۽ ايبٽ آباد ۾ برسات ۽ جابلو علائقن ۾ برفباي جو امڪان آهي. جڏهن ته بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ موسم ٿڌو  ۽ اترين بلوچستان ۾ موسم سخت ٿڌو رهندو. جڏهن ته نصيرآباد ۽ خضدار ۾ برسات جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔