جناح تم درست ٿيَ، مودي جي ظلمن تي ڀارتي سکن جون رڙِيون

دهلي: نريندر مودي جي هندو نواز ۽ اقليت دشمن پاليسين تي ڀارتي سک برادري جون رڙيون نڪري ويون ، قائداعظم جي عليحدو وطن جي مطالبي کي درست قرار ڏئي ڇڏيو.

تفصيل موجب گادي واري شهر نئين دهلي ۾ ڀارت جي تڪراري زرعي قانونن خلاف هارين جو احتجاج چوڏهين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويو آهي، پوليس جي لاٺي چارج باوجود هارين پوئتي هٽڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ، احتجاج ڪندڙن ۾ سک برادري جي ماڻهن جي اڪثريت آهي .

ڪشمير جي خاص حيثيت جي خاتمي ۽ تڪراري شهريت بل کانپوءِ مودي سرڪار مظلوم هارين کي به پنهنجي نشاني تي آڻي ڇڏيو .

انهن قانونن خلاف هارين دلي هلو تحريڪ شروع ڪئي ۽ گادي واري شهر جي چوڌاري گهيرو ڪري ڇڏيو آهي ، پنهنجي مطالبن جي لاءِ پرامن مظاهرو ڪندڙن خلاف مودي سرڪار طاقت جو ڀرپور استعمال ڪيو آهي جنهن جي ڀارت سميت سڄي دنيا ۾ سخت مذمت ڪئي وئي آهي .

ان احتجاج دوران جتي خالصتان تحريڪ جي گونج ٻڌڻ ۾ آئي اتي سک برادري پاران اهو اعتراف به سامهون آيو آهي ته قائد اعظم محمد علي جناح جو مسلمانن جي الڳ ملڪ جو مطالبو درست هو ، هندواتوا جو نظريو ڪنهن به اقليت کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي .

هارين سان يڪجهتي جو ٽرينڊ ڀارت سان گڏ پاڪستان ۾ به ٽاپ تي آهي ، پاڪستان ۾ Jinnah اور #IndiaShutDown تي هزارين ٽوئيٽ ڪيا ويا .

ياد رهي ته وائيس آف سنڌ جي شارٽ فلم جناح تم درست ٿيَ ۾ به هندواتا جي نظري جو تنقيدي جائزو وٺندي قائداعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو هو ، ان ڊرامي ۾ هڪ سک ڪردار گولڊن ٽيمل واقعي ۽ بعد ۾ ٿيندڙ ظلمن جي تسلسل ۾ جناح جي نظريي کي درست قرار ڏنو هو ۽ هاڻي اهو نعرو ڀارتي سکن پاران به لڳايو پيو وڃي.

ياد رهي ته ڪينيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو به ڀارتي هارين جي مظاهري جي حمايت ڪئي آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔