ڪراچي ۾ نرسز جون صحت کاتي جي انتظاميا سان ڳالهيون ڪامياب، سپريم ڪورٽ رجسٽري آڏو لڳل ڌرڻو ختم

ڪراچي : ڪراچي ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندڙ نرسز جون صحت اکاتي جي انتظاميا سان ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون.  نرسز سپريم ڪورٽ رجسٽري آڏو لڳل ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو.  صحت کاتي جو چوڻ آهي ته ڪورونا صورتحال ۾ ڊيوٽي ڪندڙ 629 نرسز کي ڪميشن امتحان بعد مستقل ڪيو ويندو. ان کان اڳ نرسز سنڌ سيڪريٽريٽ ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته  پوليس کين روڪي ورتو، اهلڪارن جي مظاهرين کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ لٺبازي پڻ ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔