يورپي يونين ترڪي مٿان پابنديون مڙهڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون

برسلز: يورپي يونين ۾ ترڪي مٿان پابنديون هڻڻ لاءِ وڏي پيماني صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا ويا آهن.
عالمي خابرو اداري موجب سومر جي ڏينهن ٿيل اجلاس ۾ يورپي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ترڪي کي گيس جا ذخيره ڳولڻ کان روڪڻ لاءِ پابنديون مڙهڻ لاءِ صلاحون ڪيون البت ان حوالي سان آخري فيصلو 10 ۽ 11 ڊسمبر تي ڪيو ويندو.
ان حوالي سان ترڪي جي صدر طيب اردگان جو چوڻ آهي ته هو ڪنهن به ڌمڪي يا بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندو، هن اهو به چيو ته هڪ دفعو ٻيهر بحيره روم ۾ ممڪن توانائي جي ذخيرن بابت يورپي ملڪن کي ڳالهين جي دعوت به ڏيان ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔