پي ٽي آءِ سرڪار وڃڻ واري آهي، پي ڊي ايم وٽ سمورا آپشنز موجود آهن: مريم نواز

لاهور: لاهور واري جلسي سان حڪومت جو ساهه نڪري رهيو آهي، پي ٽي آءِ سرڪار وڃڻ واري آهي، پي ڊي ايم وٽ سمورا آپشنز موجود آهن، نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته پي ڊي ايم عوام کي ڏکائين مان ڪڍڻ لاءِ تحريڪ جو آغاز ڪيو آهي، حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ بعد ئي ساهه پٽينداسين، مريم نواز پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد پهچي وئي، مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ اڳوڻو صدر آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪندا، اجلاس ۾ اسيمبليز تان استعيفيٰ سوڌو ٻين آپشنز تي صلاح مشورا ڪيا ويندا، پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ اهم فيصلا ٿيڻ جا امڪان آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔