پي ڊي ايم اڳواڻ جذباتي ٿي ويا آهن،سندن استعيفائن سان جمهوريت کي فائدو نه ٿيندو: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پي ڊي ايم جا اڳواڻ جذباتي ٿي ويا آهن سندن استعيفائن سان جمهوريت کي  ڪوبه فائدو نه ٿيندو.

پنهنجي بيان ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته ڌرڻن ۽ جلسن سان حڪومتون ناهن وينديون. 1970ع کان پوءِ جيتريون به چونڊون ٿيون آهن انهن ۾ شڪست کائيندڙن چونڊن کي مڃيو ئي ناهي.. 2018 جا چونڊ نتيجا  اوهان کي قبول ناهن ته 2013 جا نتيجا به ڪنهن ناهن مڃيا. پي ڊي ايم اڳواڻ جذباتي ٿي ويا آهن انهن جي استعيفائن سان جمهوريت کي فائدو نه ٿيندو.

پي ڊي ايم آئيني رستو اختيار ناهي ڪري رهي. ڪورونا بابت  شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ڪورونا وبا سبب اڳ ئي ٻڏتر جو شڪار آهي. ڪورونا جي ٻئي لهر تمام گهڻي خطرناڪ آهي هن وبا سبب فوتگيون تيزي سان وڌي رهيون آهن.

ڀارت ۾ هلندڙ هارين جي احتجاج تي پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت ۾ سيڪيولر رياست وارو چهرو هاڻ ناهي رهيو. هارين جي احتجاج سان ڀارت کي ڪافي نقصان ٿي رهيو آهي پر ڀارت ۾ هارين جو احتجاج انهن جو اندروني معاملو آهي. اسان کي انهن جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔