ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ برسات ۽ برفباري کان پوءِ ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي

اسلام آباد:  ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ برسات ۽ برفباري جو سلسلو جاري آهي. جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ موسم ٿڌو ۽ خشڪ آهي.

موسميات کاتي موجب چترال ۾ به برسات ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري جو سلسلو گذريل رات کان جاري آهي. لواري ٽنل تي 5 انچ برفباري پئجي رهي آهي جنهن جي باوجود لواري ٽنل روڊ تي اچ وڃ جاري آهي. مٿانهين چترال جي کهوت، لاسپور، شندور ۽ تريچ جڏهن ته لوتر چترال جي گرم چشمي، ڪالاش  ويليز، مڊڪلسٽ ۾ برسات ۽ برفباري پئي جنهن سبب ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي.

سخت  سردي سبب ساڙڻ لاءِ ڪاٺين جي طلب وڌي وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ ان جي قيمت ۾ ٻيڻي واڌ ٿي وئي آهي. هوڏانهن دير جي شهري علائقن ۾ برسات ۽ مٿانهين علائقن ۾ برفباري  جو سلسلو ٻئي ڏينهن به جاري رهيو. ڪمراٽ، لواري ٽنل، شاهي بن شاهي، لزم، ڪلپائي، منجني، ڪنڊوو، عشرني، دره بزوال، طورمنگ دره، نهاگ دره، ڪارودره ۽ ٻين علائقن ۾ برفباري پئجي رهي آهي جنهن سبب روڊ بند پيا آهن ۽ بجلي به بند آهي.

اسلام آباد ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي. بلوچستان جي علائقن ڪوئٽه، قلات، زوب ۽ دالبدين  ۾ برسات پئي جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ مالم جبه، استور، اسڪردو ۽ ڪالام ۾ برفباري رڪارڊ ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔