مشهور واپاري سراج قاسم تيلي لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي : مشهور واپاري سراج قاسم تيلي لاڏاڻو ڪري ويو، سراج قاسم تيلي کي نمونيا سبب ڪجهه ڏينهن اڳ دبئي جي اسپتال داخل ڪيو ويو هو، جتي سندس ساهه جي تند ٽٽي پئي، سراج قاسم تي ڪراچي چئمبر آف ڪامرس جو صدر رهيو ۽ پاڪستان بيوريج لميٽيڊ جو ڊائريڪٽر هو، هُن ڪي سي سي آءِ جي چيئرمين طور به ذميواريون سنڀاليون، ڪي سي سي آءِ جي صدر شارق ووهرا سراج قاسم تيلي جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سراج تيلي ملڪ جو اهم اثاثو هو، سندس لاڏاڻي سان ملڪ کي ازالو نه ٿيڻ جوڳو نقصان پهتو آهي، سراج قاسم تيلي جي لاڏاڻي تي ڪاروباري برادري ۾ ڏک جي لهر.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔