پي ڊي ايم قيادت جي اعلان کان اڳ ئي اسيمبلي ميمبرز طرفان استعيفائون ڏيڻ جو سلسلو جاري

اسلام آباد: پي ڊي ايم قيادت جي اعلان کان اڳ ئي اسيمبلي ميمبرز طرفان استعيفائون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي ، لاهور مان چونڊيل نواز ليگ ايم اين اي افضل کوکر ۽ ايم پي اي سيف الملوڪ کوکر استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، استعيفيٰ ۾ نواز ليگ ميمبرز چيو آهي ته پي ٽي آءِ سرڪار عوام مٿان بار بڻجي وئي آهي، اُن کي گهر وڃڻ گهرجي، تنهن ڪري اسيمبلي رُڪنيت تان استعيفيٰ ڏئي رهيا آهيون، سرگوڌا مان چونڊيل نواز ليگ ايم اين اي حامد حميد به استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي، ٻئي پاسي استعيفيٰ يا لانگ مارچ؟ لاهور ۾ 3 ڊسمبر واري جلسي بابت حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ پي ڊي ايم جو اهم سربراهي اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي، اسلام آباد ۾ مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ اجلاس دوران آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪندا، اجلاس ۾ پي ٽي آءِ سرڪار کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ اسيمبليز تان استعيفيٰ ۽ اسلام آباد تائين لانگ مارچ سوڌو ٻين آپشنز تي صلاح مشورا ڪيا ويندا، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اڄ طئه ڪيو ويندو ته 13 ڊسمبر تي لاهور ۾ جلسي دوران ڇا ڪرڻو آهي، پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان کان استعيفيٰ وٺڻي آهي، اُن لاءِ اسان کي به استعيفيٰ ڏيڻي پئي ته ڏينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔